ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڪون بني گا ڪروڙ پتي (ڪي بي سي) ڀارت جو مشهور شو آهي جنهن جي ميزباني اميتاڀ بچن سالن کان ڪندو پيو اچي، هن شو ۾ تمام گهٽ ماڻهو ڪروڙين رپيا کٽيندا آهن، پر کٽيندڙ ڪيئي سالن تائين ڏسندڙن جي ذهنن ۾ رهجي ويندا آهن.
2011 ۾ هن شو جي پنجين سيزن دوران 5 ڪروڙ رپين جو انعام کٽينڊڙ سشيل ڪمار به انهن ئي ڪجهه ماڻهن مان آهي.
ڀارتي رياست بهار سان تعلق رکندڙ سشيل ڪمار هن شو جي پهرين 5 ڪروڙن جو انعام کٽيندڙ به بڻيو هو ۽ ڀارت جي هر گهر ۾ مشهور ٿي ويو هو، اها ايتري وڏي انعامي رقم هئي جو ان جي زندگي ۾ تبديلي اچي پئي سگهي پر ائين نه ٿيو.
هن ان جو سبب 2020 ۾ پنهنجي فيس بڪ پوسٽ ۾ ٻڌائيندي چيو ته هو نشي جو عادي ٿي ويو هو ۽ ماڻهن ساڻس دوکو ۽ فراڊ ڪيو، ماڻهو هن کي شوز ۾ گهرائيندا هئا ۽ پئسا عطيو ڪرڻ جو چوندا هئا، ان دوران هن جا گهر واري سان لاڳاپا خراب ٿيڻ شروع ٿيا، هوءَ اڪثر چوندي هئي ته مان صحيح ۽ غلط ماڻهن ۾ فرق ڪرڻ نٿو ڄاڻان.
پنهنجي فلمي انداز جي ڪهاڻي ٻڌائيندي سشيل ڪمار چيو ته هڪ ڏينهن هڪ صحافي سان ڳالهائڻ دوران ڪجهه منهن ماري ٿي پئي ته مان ان کي ڪاوڙ ۾ ٻڌايو ته مان پنهنجي سڄي رقم ختم ڪري چڪو آهيان ۽ هاڻي ڳئون پالي ان جو کير وڪڻي گذارو ڪيان ٿو.
ان ڳالهه کي سچ سمجهندي جڏهن اها خبر ٺهي ته اهو افواهه ڦهلجي ويو ته سشيل ڪمار ڪروڙ پتي هئڻ باوجود ڪنگلو ٿي ويو آهي.
سشيل ڪمار ٻڌايو ته ان کانپوءِ منهنجي ڀرپاسي موجود ماڻهو مون کان پري ٿي ويا، مونکي پروگرامن ۾ گهرائڻ بند ڪيو ويو ۽ تڏهن اهو سوچڻ جو وقت مليو ته مونکي اڳتي ڇا ڪرڻ گهرجي.
ڀارتي ميڊيا موجب حقيقت اها هئي ته سشيل ڪمار مڪمل طور تي ڪنگال نه ٿيو هو.
هن پوسٽ ۾ لکيو ته ان جي حالت گهڻي بهتر آهي، حقيت ۾ ان کي ٽيڪس ڪٽوتي بعد صرف 3.50 ڪروڙ روپيا مليا هئا.
سشيل ڪمار 2023 ۾ سائيڪالوجي جي سرڪاري ٽيچر طور چونڊيو ويو ۽ هو ٽچنگ کان کانسواءِ وڻڪاري مهم به هلائي رهيو آهي.
You might also like