ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جو فائنل سڀاڻي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو.
ميزبان پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ميچ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جيڪا منجهند ٻه وڳي شروع ٿيندي.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي 78 رنسن تان شڪست ڏئي فاتح رهيو هو، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي ڇهن وڪيٽن تان هارائي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.
پهرين ميچ هارائڻ کانپوءِ پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف پنهنجي ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هدف حاصل ڪندي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي.
You might also like