ستن ورهين بعد ننڍي پردي تي واپسي، مهوش مداحن کي دنگ ڪرڻ لاءِ تيار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات ستن ورهين ڊگهي وقفي کانپوءِ ٻيهر ٽي وي اسڪرين تي واپسي ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ مداح پرجوش آهن.
مهوش حيات پنهنجي منفرد اداڪاري لاءِ مشهور آهي، هوءَ آخري ڀيرو 2016 ۾ ڊرامي ”دلي لگي“ ۾ همايون سعيد سان گڏ نظر آئي هئي، جنهن وڏي ڪاميابي ماڻي هئي.
هاڻي هوءَ هڪ نئين، سنسي خيز ۽ تجسس سان ڀرپور ڪردار ۾ ننڍي پردي تي واپسي ڪري رهي آهي، جيڪو مداحن لاءِ حيران ڪندڙ ثابت ٿيندو.
نئين ڊرامي ۾ مهوش حيات سان گڏ اداڪار احسن خان ۽ حرا ماني به مک ڪردار ادا ڪندا.
ڊرامي جو هدايتڪار سراج الحق آهي، جڏهن ته فاطمه فيضان ۽ عنبر اظهر جي لکيل هيءُ ڪهاڻي محبت، تجسس ۽ گهرو رازن تي ٻڌل هوندي.
ڊرامي جو پهريون ٽريلر اڳ ئي سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي چڪو آهي، جنهن سبب مداحن ۾ بيچيني وڌي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.