اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق پنهنجي ئي حڪومت جي فيصلي خلاف بيان ڏئي ڇڏيو.
هڪ ٽوئيٽ ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته ايوي ايشن وزارت ختم ڪري ان کي بچاءَ واري وزارت ۾ ضم ڪرڻ نامناسب فيصلو آهي، جنهن تي افسوس ٿيو.
هن چيو ته ان قدم سان ايوي ايشن انڊسٽري کي نقصان ٿيندو، ن ليگ جي چونڊ منشور ۾ ريلويز ۽ ايوي ايشن کي ملائي ٽرانسپورٽ وزارت ٺاهڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، جيڪڏهن رائيٽ سائزنگ ئي ڪرڻي هئي ته ريلويز، ايوي ايشن ۽ پوٽ اينڊ شپنگ کي مپائي ٽرانسپورٽ واري وزارت ٺاهي وڃي ها.
You might also like