هانيا عامر جو بولڊ فوٽو شوٽ اخلاقيات جي خلاف قرار، پوسٽ هٽائڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر کي سندس تازي فوٽو شوٽ تي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
سپر هٽ ڊرامي”ڪڀي مين ڪڀي تم“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ هانيا عامر پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي هڪ جرئتمنداڻو فوٽو شوٽ ڪرايو، جنهن ۾ هوءَ مرميڊ جهڙي انداز ۾ پاڻي ۾ نظر اچي رهي آهي.
اداڪارا انسٽاگرام تي پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون، پر سوشل ميڊيا واهپيدارن انهن کي اخلاقيات جي خلاف قرار ڏيندي تبصرا ڪيا ۽ پوسٽ هٽائڻ جو مطالبو ڪيو.
وڊيوز ۽ تصويرن ۾ هانيا عامر کي سوئمنگ پول ۾ چمڪندڙ لباس پهريل ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو سندس جسم کي واضع ڪري رهيو آهي.
ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته اداڪارا جو هي انداز بالي ووڊ ۾ ڊيبيو لاءِ سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.