واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ايران جي جوهري ملڪيتن تي حملو ڪري سگهي ٿو.
اخبار چيو آهي ته آمريڪي انٽيليجنس رپورٽن موجب اسرائيلي حملو هلندڙ سال جي وچ تائين ٿي سگهي ٿو ۽ ان سان ايران جو جوهري پروگرام هفتا يا مهينا پوئتي هليو ويندو ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ جا خطرا وڌي ويندا.
آمريڪي اخبار جي رپورٽ تي وائيٽ هائوس ۽ اسرائيلي حڪومت ڪو تبصرو ناهي ڪيو.
هوڏانهن آمريڪي انٽيليجنس رپورٽن تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان ردعمل ڏيندي چيو ته دشمن جوهري ملڪيتن تي حملو ڪري سگهي ٿو پر جوهري صلاحيتن کي تباهه نٿو ڪري سگهي.
اسرائيل هلندڙ سال ايران جي جوهري ملڪيتن تي حملو ڪري سگهي ٿو: آمريڪي اخبار
You might also like