ڄامشورو(ويب ڊيسڪ) حضرت لعل شهباز قلندر جي ست سئو ٽيهترين عرس مبارڪ 18 شعبان 1442 هه سومر 17 فيبروري ٻه هزار پنجويهه تي شروع ٿي رهيو آهي.
ان حوالي سان حضرت لعل شهباز قلندر جي 773هين عرس مبارڪ جي حوالي سان ڄامشوري ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان ڊي سي ڄامشورو ۽ شهباز ميلو ڪميٽي جي چيئرمين غضنفر علي قادري پاران نوٽفيڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ لکيو ويو آهي ته سترهن فيبروري ٻه هزاري پنجويهه تي حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ضلعي ڄامشوري ۾ موڪل هوندي.