ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽه ملڪي سيريز جي اهم ميچ ۾پاڪستان سائوٿ آفريڪا کي مات ڏئي سڀ کان وڏو حدف حاصل ڪري رڪارڊ قائم ڪري ورتو.
نيشنل بينڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پهريان کيڏندي پاڪستان کي 353 رنز جو حدف ڏنو جيڪو قومي ٽيم محمد رضوان ۽ سلمان آغا جي شاندار سينچرين سان چيئن وڪيٽن جي نقصان تي اڻونجاهين اوور ۾ پورو ڪري ورتو.
اهو پاڪستان طرفان هاڻي تائين ڪاميابي سان مڪمل ڪيل سڀ کان وڏو حدف آهي، ون ڊي انٽرنيسنل جي تاريخ ۾ پاڪستان ڪڏهن ايترو وڏو حدف حاصل ناهي ڪري سگهيو.
ان کان اڳ پاڪستان 2022 ۾ آسٽريليا خلاف 349 رنز جو حدف حاصل ڪيو هو.
حدف پويان ڊوڙندي قومي ٽيم ايڪانوي رنسن تي ٽن وڪيٽن کان محروم ٿي وئي، بابر اعظم 23، سعود شڪيل 15 ۽ فخر زمان 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
جڏهن ته چوٿين وڪيٽ تي سلمان علي آغا ۽ محمد رضوان جي 262 رنسن جي رڪارڊ قائم ڪندڙ پارٽنر شپ بڻين، سلمان علي آغا 103 بالن تي 134 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان 122 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.