ڪراچي: 92 هزار کان مٿي ٻارڙن کي ماءُ پيءُ پوليو جا ڦڙا نه پيئڻ ڏنا!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ ست ڏينهن واري پوليو خلاف مهم دوران ٻه لک ٻيانو هزار کان مٿي ٻارڙا ويڪسين کان محروم رهجي ويا.

نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر فار پوليو جي ذريعن موجب ڪراچي ۾ ٻيانوي هزار ڇهه سئو کان مٿي ماءُ پيءُ ٻارن کي ويڪسين پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

مهم ۾ ايڪيهه لک چورانوي هزار 9 سئو ٻاررن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ جو هدف پورو ڪيو ويو.

مهم دوران اڻويهه لک ارڙهن هزار 966 ٻارن تائين ٽيمون نه پهچي سگهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.