ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير تي محمد سراج جي جاءِ تي هرشت رانا کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، هرشت رانا کي گوتم گمڀير جو پسنديده رانديگر سمجهيو وڃي ٿو ۽ تجربيڪار فاسٽ بالر محمد سراج کي نظرانداز ڪرڻ تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي.
هرشت رانا انگلينڊ خلاف پنهنجي پهرين ون ڊي سيريز کيڏي رهيو آهي، جتي هن ٻن ميچن ۾ چار وڪيٽون ورتيون آهن، پر ان باوجود لسٽ-اي ڪرڪيٽ ۾ سندس ڪا خاص ڪارڪردگي نه رهي آهي.
هن 16 لسٽ-اي ميچن ۾ 26 ۽ 26 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 31 وڪيٽون ورتيون آهن.
ڀارتي ڪوچ گوتم گمڀير جنهن تي پهريان به جانبداري جا الزام لڳندا رهيا آهن، هاڻي مٿس مسلمان رانديگرن سان امتيازي سلوڪ جو به الزام لڳايو پيو وڃي.
2023ع واري ورلڊڪپ دوران به سراج، جيڪو بمرا کانپوءِ ڀارتي ٽيم جو ليڊنگ فاسٽ بالر هو، کيس نظرانداز ڪيو ويو هو.
انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) فرنچائز ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز سان واڳيل هرشت رانا ۽ ورون چڪرورتي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ تي به گوتم گمڀير کي ٽرول ڪيو پيو وڃي.
ٻئي پاسي محمد سراج کي پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اعلانيل ڀارتي اسڪواڊ ۾ نان-ٽريولنگ ريزرو طور رکيو ويو آهي، جنهن ۾ يشسوي جئسوال ۽ شيوم دوبي پڻ شامل آهن.
Prev Post
You might also like