آءِ سي سي رينڪنگ: بابر جي ون ڊي ۾ نمبر ون پوزيشن برقرار

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ون ڊي بيٽرز ۾ بابر اعظم پهرين پوزيشن تي برقرار آهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار پليئرز رينڪنگ ۾ ڀارت جو شُبمَن گِل هڪ درجو ترقي بعد ٻئي نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته روهت شرما هڪ درجو هيٺ ويندي نمبر تي هليو ويو آهي.
فخر زمان جي 13هين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته محمد رضوان هڪ درجو وڃائيندي 21هين نمبر تي هليو ويو آهي.
ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ راشد خان جي پهرين پوزيشن تي برقرار، سريلنڪا جو مهيش ٿيڪشنا هڪ درجو ترقي بعد ٻئي، جڏهن ته نيميبيا جو برنارڊ شولٽز ٻه درجا اڳتي ترقي بعد ٽئين نمبر تي پهچي ويو.
ون ڊي آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ افغانستان جو محمد نبي پهرين نمبر تي موجود.
ٽي ٽوئنٽي بيٽرز ۾ آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، ڀارت جي اڀيشڪ شرما جو ٻيو ۽ فِل سالٽ جو ٽيون نمبر آهي.
ان کانسواءِ ٽي ٽوئنٽي بيٽرز رينڪنگ ۾ پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جو ستون ۽ موجوده ڪپتان جو نائون نمبر آهي.
ٽي ٽوئنٽي بالرن جي رينڪنگ ۾ ويسٽ انڊيز جو عاقيل حسين پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ٽاپ 10 ۾ پاڪستان جو ڪو به بالر شامل نه آهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز ۾ ڀارت جو هاردِڪ پانڊيا پهرين پوزيشن تي برقرار.
ٽيسٽ پليئرز رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي جوءِ روٽ جي نمبر ون پوزيشن آهي، ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ٽيمبا باووما ٻه درجا ترقي بعد ڇهين نمبر تي اچي ويو.
آسٽريلوي اوپنر عثمان خواجا ٻه درجا بهتري سان نائين نمبر تي اچي ويو، پاڪستان جو محمد رضوان به ٻه درجا جي بهتري کانپوءِ 14هين نمبر تي پهتو، جڏهن ته بابر اعظم هڪ درجو وڃائيندي 20هين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٽيسٽ بالرن ۾ ڀارت جو جسپريت بُمرا جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، آسٽريليا جو نيٿن ليون هڪ درجو ترقي بعد پنجين نمبر تي، جڏهن ته پاڪستان جو نعمان علي هڪ درجو هيٺ ڪِرندي ڇهين نمبر هليو ويو.
ٽيسٽ آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ ڀارت جو رويندرا جاڙيجا جي نمبر هڪ پوزيشن برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.