ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2025 لاءِ ايمبيسيڊرن جي مقرري ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان جو اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد به شامل آهي.
آءِ سي سي طرفان سرفراز احمد سان گڏ ڀارت جو شيکر ڌون، نيوزيلينڊ جو ٽم سائوٿي ۽ آسٽريليا جو شين واٽسن به ايمبيسيڊر طور چونڊيو ويو آهي.
چيمپئنز ٽرافي جي ايمبيسيڊرن کي ايونٽ دوران ميچن تي پنهنجا تجزيا ڏيڻ جو موقعو ملندو.
سرفراز احمد پنهنجي بيان ۾ چيو ته” چيمپيئنز ٽرافي 2017 جي فتح جا لمحا ڪڏهن به نٿو وساري سگهان، ان وقت سڄي قوم اسان سان گڏ هئي. “
هن چيوته ” مون لاءِ اهو جشن هميشه خاص رهندو، چيمپئنز ٽرافي جهڙي اهم ايونٽ جي پاڪستان ۾ واپسي تي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي.“
سندس چو هو ته ” هي هڪ اهڙو فارميٽ آهي، جتي هر ميچ تمام اهم هوندي آهي، ايمبيسيڊر طور پنهنجو ڪردار نڀائڻ لاءِ بيچين آهيان.“
شيکر ڌون جو چوڻ هو ته ”چيمپيئنز ٽرافي جو ايمبيسيڊر بڻجڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا جون بهترين ٽيمون وائيٽ جيڪٽ لاءِ مقابلو ڪنديون.
ٽم سائوٿي چيو ته ”رانديگر طور توهان کي خبر هوندي آهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ هر ميچ ۽ هر بال اهم هوندو آهي. “
شين واٽسن جو چوڻ هو ته؟ چيمپيئنز ٽرافي هڪ منفرد ايونٽ آهي، جنهن اسان کي ڪيترائي يادگار لمحن ڏنا آهن.“
You might also like