ويرات ڪوهلي ايشيا ۾ تيز ترين 16 هزار رنسون ٺاهيندڙ بيٽر بڻجي ويو

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي تيز ترين 16 هزار رنسون ٺاهڻ جو اعزاز ماڻي ورتو، هو اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ ٻيو ڀارتي ڪرڪيٽر آهي.
احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ خلاف ٽِين ون ڊي دوران ڪوهلي 73هين ففٽي اسڪور ڪئي، هن 55 بالن تي 52 رنسون ٺاهيون جن ۾ 7 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو.
اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ايشيا ۾ 16 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ تيز ترين بيٽر بڻجي ويو، هن 340 اننگز ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو، جڏهن ته سچن ٽنڊولڪر 353 اننگز ۾ 16 هزار رنسون ٺاهيون هيون.
ان کانسواءِ، ڪوهلي انگلينڊ خلاف 4 هزار انٽرنيشنل رنسون ٺاهيندڙ پهريون ڀارتي بيٽر پڻ بڻجي ويو.
هن 87 هين ميچ ۾ اهو اعزاز حاصل ڪيو، جڏهن ته سندس انگلينڊ خلاف مجموعي طور 8 سينچريون ۽ 23 ففٽيون آهن .
انگلينڊ خلاف سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ آسٽريلوي ليجنڊ ڊان بريڊمين وٽ آهي، جنهن 37 ٽيسٽ ميچن ۾ پنج هزار اٺاويهه رنسون ٺاهيون.
موجوده رانديگرن ۾ آسٽريلوي ڪپتان جو اسٽيون سمٿ چار هزار اٺ سئو پندرنهن رنسون ٺاهي انگلينڊ خلاف سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن ۾ سرفهرست آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.