ڪروڙين رپيا لُٽائيندس، بس مفتي قوي سان شادي ڪر: پاڪستاني زميندار جي راکي کي انوکي آڇ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني زميندار طرفان ڀارتي اداڪارا راکي ساونت کي هڪ منفرد ۽ انوکي آڇ ڪئي وئي آهي.
ڏکڻ پنجاب جي زميندار سردار مظفر ڪولاچي سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ وڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن راکي مفتي قوي سان شادي ڪري ٿي ته مان کيس 35 ڪروڙ رپيا ماليت جي زمين ۽ زيور تحفي طور ڏيندس.
سردار مظفر ڪولاچي چيو ته منهنجو واسطو تونسا شريف سان آهي ۽ راکي ساونت جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان.
هن واعدو ڪيو ته راکي کي وائٽ گولڊ سان ٺهيل 7 تولن جي چين، هڪ هيري جي منڊي ۽ ڪف لنڪس ڏيندس، جيڪا سمورا ناياب ۽ قيمتي آهن، اهي سڀ مرداڻا آهن پر راکي چاهي ته انهن زيورن کي عورتاڻو به بڻائي سگهجي ٿو.
سردار مظفر پرفيومز ۽ گهڙيون به تحفي ۾ ڏيڻ جو اشارو ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن راکي مفتي قوي سان شادي لاءِ راضي ٿي وڃي ٿي ته هو مفتي قوي سان گڏ دبئي وڃڻ لاءِ به تيار آهي.
وڊيو ۾ مفتي قوي جو ذڪر به ڪيو ويو آهي، جنهن ان شادي جي آڇ کي قبول ڪيو آهي ۽ سردار مظفر جي ان تحفي جو قدر ڪيو آهي.
مفتي قوي چيو ته هو راکي سان شادي کانپوءِ اهي سموريون قيمتي شيون ۽ زمينون کيس تحفي ۾ ڏئي ڇڏيندو.
سردار مظفر چيو ته ان سڀني شين جي ماليت تقريبن 35 ڪروڙ رپيا ٿئي ٿي ۽ اها آڇ راکي ساونت لاءِ هڪ خاص دعوت آهي ته هوءَ مفتي قوي سان شادي لاءِ راضي ٿئي.
ان دلچسپ آڇ تي راکي جو ردعمل اچڻ باقي آهي پر اها وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.