ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڀڃ ڊاهه ۽ دهشتگردي جي ڪيسن ۾ گرفتار مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي چيئرمين آفاق احمد کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل آفاق احمد کي پوليس جي سخت سيڪيورٽي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهچايو ويو.
آفاق احمد خلاف عوامي ڪالوني ۽ لانڍي ٿاڻي تي ڪيس داخل آهن، جن ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ڪيسن ۾ آفاق احمد سميت 15 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ساڙيل ڊمپر جو ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر گم آهن، خدشو آهي ته انهن وٽ آهن.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪيس دهشتگردي جو ٺهي ٿو؟ سرڪاري وڪيل چيو ته سموري ٽرانسپورٽر برادري ڊنل آهي.
آفاق احمد جي وڪيل چيو خوفزده ته اسان آهيون، ماڻهن کي ڊمپرن هيٺان چٿيو پيو وڃي.
You might also like