”ڪي اليڪٽرڪ کي ڪراچي جي صنعتن جو پيسو هضم ڪرڻ نه ڏينداسين“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي صنعتن کي بجلي بل ۾ سبسڊي نه ڏيڻ جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪي اليڪٽرڪ سي اي او کي طلب ڪري ورتو.
صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان بجلي بلن ۾ حڪومت جي ڏنل سبسڊي صنعتن کي ناهي ڏني وئي، ڪراچي جي صنعتن جو پيسو ڪنهن کي کائڻ يا هضم ڪرڻ نه ڏينداسين.
ڪراچي جي صنعتن کي بجلي بل ۾ سبسڊي نه ڏيڻ تي اسٽينڊنگ ڪميٽي نوٽيس ورتو هو، قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس 24 فيبروري تي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ڪراچي جي ميئر کي به شرڪت جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ڪميٽي چيئرمين حفيظ الدين ايڊووڪيٽ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ سي اي او کي ڪيترائي ڀيرا ڪميٽي اجلاس ۾ گهرايو ويو پر هو حاضر نه ٿيو، جيڪڏهن هن ڀيري حاضر نه ٿيو ته سندس خلاف نوٽيس جاري ڪنداسين.
هن چيو ڪي اليڪٽرڪ سي اي او ٻڌائي ته 30 ارب رپين جي سبسڊي اڃا تائين صنعتن کي ڇو نه ڏني وئي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.