ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي پنهنجي بي سُري آواز سبب مشهور چاهت فتح علي خان ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
چاهت فتح علي خان ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ميزبان ۽ حاضرين طرفان پڇيل سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا.
ان موقعي تي چاهت فتح علي خان ٻڌايو ته هو جلد لاهور ۾ پنهنجي نالي سان اڪيڊمي کولڻ وارو آهي، جتي راڳ سان گڏ اداڪاري جي به سکيا ڏني ويندي.