ڪراچي: چر ڏياريندڙ بيان ڏيڻ تي آفاق احمد گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مهاجر قومي  موومينٽ چيئرمين آفاق احمد گرفتار ڪيو ويو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته آفاق احمد کي چڙ ڏياريندڙ بيان تي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي آفاق احمد جو چوڻ هو ته رڳو چاليهه ڏينهن ۾ ٻيانوي ماڻهو ٽرڪن ۽ ڊمپرن جي هيٺان ڇيڀاٽيا ويا. اسان هيوي ٽريفڪ کي شهر ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي آجيان ڪئي.

هن چيو ته ڪجهه هنڌن تي ٽريفڪ حادثن تي مڇريل ماڻهن گاڏين کي باهيون ڏنيون، لانڍي ۾ عوام گذريل ڏينهن ٿيل حادثي جي ڪري مڇريل آهي.

آفاق احمد اپيل ڪئي ته عوام احتجاج ڪري، گاڏيون نه ساڙي، عوام اهڙي صورتحال ۾ غلط فائدو کڻڻ وارن تي نظر رکي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن آفاق احمد اعلان ڪيو هو ته مهاجر نوجوانن کي وڏو ڀاءُ سمجهي حڪم ٿو ڏيان ته اڱاري ڏينهن کان شهر ۾ هيوي ٽريفڪ نه هجڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.