اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيڪو اسان کان چاهي ٿو اهو آرٽيڪل 184 جي شق 3 سان لاڳاپيل آهي، تنهنڪري هي معاملو ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو آهي جنهن کي آئيني بئنچ ڏسندي.
چيف جسٽس ۽ آءِ ايم ايف جي ڇهه رڪني وفد وچ ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس وفد کي عدالتي نظام ۽ سڌارن بابت آگاهه ڪيو، جڏهن ته ان دوران ججن جي مقرري ۽ آئيني ترميمن تي پڻ ڳالهيون ٿيون.
آءِ ايم ايف وفد سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيف جسٽس چيو ته وفد کي جواب ڏنو ته اسان آئين تحت عدليا جي آزادي جو قسم کنيو آهي. کين ٻڌايو ته ماتحت عدليا جي نگراني هاءِ ڪورٽون ڪن ٿيون ۽ عدالتي سڌارن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
چيف جسٽس ٻڌايو ته وفد پرڏيهي سيڙپڪاري جي تحفظ بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن جي جواب چيو ته ان حوالي سان به سڌارا آڻي رهيا آهيون.
آءِ ايم ايف وفد چاهي ٿو ته ملڪ ۾ معاهدن جي پاسداري ۽ ملڪيت جي حقن بابت ڄاڻ ملي، جنهن تي عدالتي پاليسي سازي بابت کين آگاهه ڪيو ويو.
چيف جسٽس موجب، پي ٽي آءِ باني جو خط ججن جي آئيني ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو آهي، جتي ان جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويندو.
عدليا اندر اختلاف ختم ڪرڻ بابت سوال تي چيف جسٽس چيو ته خط لکڻ وارن ججن جا پراڻا معاملا هلي رهيا آهن، پراڻي عادتن ۾ تبديلي ايندي ۽ هوريان هوريان سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
چيف جسٽس جو چوڻ هو ته عدليا کي نوان جج گهرجن، جڊيشل ڪميشن ۾ تبديلي آئي آهي، هاڻ ڪو به ميمبر نالو ڏئي سگهي ٿو.
عدالتي سڌارن لاءِ پاليسي سازي ڪميٽي جي اجلاس جو جلد سڏايو ويندو.
You might also like