ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ تڪراري پيڪا ايڪٽ خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شفيع صديقي پيڪا ايڪٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار طرفان بيرسٽر علي طاهر عدالت ۾ پيش ٿيو.
عدالت درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي قانون ۾ ڪهڙي برائي نظر اچي رهي آهي؟ جيڪڏهن ڪو غلط خبر پکيڙي ٿو ته ڇا ان کي سزا نه ٿيڻ گهرجي؟
بيرسٽر علي طاهر چيو ته غلط ۽ صحيح جو فيصلو ڪير ڪندو، بنيادي سوال اهو ئي آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سمورا فيصلا عدالتن ۾ ناهن ٿيندا، ڪجهه فيصلا اختياريون ڪنديون آهن، توهان کي اختيارين جي فيصلي خلاف اپيل جو حق به آهي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اهي بنيادي حقن بابت فيصلا آهن، جيڪي عدالت کي ئي ڪرڻ گهرجن، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن اهو بنيادي حقن جو معاملو آهي ته ان جي ٻڌڻي آئيني بينچ ۾ ٿيڻ گهرجي.
بيرسٽر علي طاهر چيو ته اٽڪ سيمنٽ ڪيس ۾ عدالت اهو فيصلو ڏئي چڪي آهي ته ريگولر بينچ ڪنهن به قانون جي آئيني حيثيت جو جائزو وٺي سگهي ٿي.
پوءِ عدالت وفاقي حڪومت کي درخواست ۾ اٿاريل سوالن تي ٻن هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like