پراڻا دشمن شعيب اختر ۽ هرڀجن سنگهه وري هٿين پئجي ويا، هڪٻئي کي ڌمڪيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو پاڪستاني فاسٽ بالر شعيب اختر ڪرڪيٽ جي ميدانن ۾ پنهنجي سخت رويي سبب به سڃاتو ويندو هو، هو اڪثر ميدان ۾ رانديگرن سان وچڙي پوندو هو، جڏهن ته ڀارتي آف اسپنر هرڀجن سنگهه سان ته ان جون ڪيترائي ڀيرا جهڙپون ٿيون ۽ ڪرڪيٽ شوقين ٻنهي کي دشمن طور ڏسندا هئا.
2009 جي ايشيا ڪپ جي هڪ ميچ ۾ شعيب اختر بالنگ ۽ هرڀجن سنگهه بيٽنگ ڪري رهيو هو، ان دوران ٻنهي ۾ ڏند چڪ ٿي، ايتري تائين جو ٻئي هٿين پئجي ويا هئا.
انهن ٻنهي رانديگرن اهو ئي منظر هڪ ڀيرو ٻيهر تخليق ڪيو آهي، ٻنهي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جيڪا آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي فائنل جي آهي.
ان وڊيو ۾ شعيب بالنگ ۽ هرڀجن بيٽنگ ڪري رهيو آهي ۽ ٻنهي کي هڪٻئي کي ڌڪا ۽ ڌمڪيون ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو پر اهو سڀ هڪ دوستاڻي انداز ۾ ٿيو، ان وڊيو کي ڏسي مداحن جون پراڻيون يادون تازيون ٿي ويون.
شعيب اختر ۽ هرڀجن سنگهه هن وقت سٺا دوست آهن، ٻئي اڪثر ڪمينٽري ٽيم ۾ گڏ هوندا آهن ۽ مختلف ايونٽن ۾ به گڏ نظر ايندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.