ٽه ملڪي سيريز، وليمسن جي 6 سالن بعد سينچري، نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي هارائي فائنل ۾ پهچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جي ٻي ميچ ۾ نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي ڇهن وڪيٽن تان هارائي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان مچل سينٽنر ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. مقرر پنجاهه اوورن ۾ پروٽيز ڪيويز خلاف ڇهن وڪيٽن جي نقيصان تي 304 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ميٿيو برِٽيزڪي پنهنجي پهرين ون ڊي ۾ 150 رنسون ٺاهي نئون رڪارڊ قائم ڪيو، ان کانسواءِ ملڊر 64 ۽ جيسن سمٿ 41 رنسون ٺاهيون.
ڪيوي بالر ميٿ هينري ۽ وِل اوروڪي ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون.
نيوزيلينڊ 305 رنسن جو هدف 49 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
نيوزيلينڊ طرفان اڳوڻي ڪپتان ڪين وليمسن ڇهن ورهين بعد ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سينچري اسڪور ڪئي هن 113 بالن تي 133 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
اوپنر ڊيون ڪانوي بدقسمتي سان پنهنجي سينچري مڪمل نه ڪري سگهيو ۽ 97 رنسن تي نروس نائنٽينز جو شڪار ٿي ويو جڏهن ته گلين فلِپس 28 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا جي سينوران مٿوسامي ٻه، جڏهن ته ايٿن بوش ۽ جونيئر ڊالا هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
شاندار بيٽنگ تي ڪين وليمسن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ياد رهي ته ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 78 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.