اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وڪيل احتجاج سبب نه پهچي سگهيا.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.
اسلام آباد ۾ وڪيلن جي احتجاج سبب فوجي عدالت مان سزا يافته جوابدارن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا سميت ٻيا وڪيل سپريم ڪورٽ نه پهچي سگهيا.
وڪيل راڻا وقار عدالت کي ٻڌايو ته سلمان اڪرم راجا ٽريفڪ ۾ ڦاٿل آهي، ان تي جسٽس مندوخيل ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته معلوم هو رستا بند آهن ته وقت تي نڪرو ها، شايد اهي چاهين ٿا ته جوابدار جيلن ۾ سڙندا رهن، جيڪڏهن ڪيس نٿا هلائڻ چاهين ته انهن جي مرضي.
جسٽس امين الدين عدالتي عملي کان پڇيو ته ڇا ٻي ڌر جو ڪو وڪيل آهي؟ جنهن تي ٻڌايو ويو ته ڪنهن ڌر جو ڪو وڪيل ناهي پهچي سگهيو، وڊيو لنڪ تي به ڪو وڪيل موجود ناهي.
پوءِ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سويلينز جو ملٽري ٽرائل، شايد اهي چاهين ٿا ته جوابدار جيلن ۾ سڙندا رهن: عدالت جو وڪيلن تي ڪاوڙ جو اظهار
You might also like