مردان(ع آ نيوز) جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته موجوده پارليامينٽ جعلي آهي جيڪا ڌانڌلي ذريعي وجود ۾ آئي. جيڪڏهن عوام روڊن تي آيو ته ايوانن ۾ زلزلي جهڙي صورتحال هوندي. جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته موجوده پارليامينٽ جي ڪابه حيثيت نه آهي، منهنجي پارليامينٽ عوام آهي، عوام جيڪڏهن روڊن تي ايندو ته ايوانن ۾ زلزلي جهڙي صورتحال هوندي. هن چيو ته اسان پنهنجي جدوجهد ناهي ڇڏي، ميدان ۾ رهنداسين ۽ اوهان جي ايوانن تائين پهچنداسين. بئنڪ اڪائونٽ جو بهانو بڻائي مدرسن جي رجسٽريشن نه پئي ڪئي وڃي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته آمريڪا کان وٺي سموري دنيا ۾ مدرسا ختم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ٽرمپ دنيا جو سڀني کان وڏو چريو آهي. گذريل سال 8 فيبروري تي بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي.