نوجوان ايم فل اسڪالر الله داد بلوچ جي قتل خلاف احتجاج

تربت/ڪوئيٽا( ع آ نيوز) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي اهم شهر تربت ۾ بلوچي ادب سان لاڳاپيل نوجوان اسڪالر ۽ اديب الله داد بلوچ کي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ”تاريخ“ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته هو قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان ”ايم فل“ ڪري رهيو هو. بلوچ اسٽوڊنٽس ڪائونسل اسلام آباد جي ترجمان چيو ته الله داد بلوچ کي سرڪاري اهلڪارن جي فائرنگ ۾ شهيد ڪيو ويو. الله داد بلوچ جي شهادت ڪنهن وقتي اشتعال يا انفرادي دشمني جو نتيجو نه پر رياستي جبر جي پاليسي جو تسلسل آهي. بلوچستان ۾ جاري رياستي جبر ۽ عدالت قتل نوآبادياتي ڍانچي جو تسلسل آهن جتي علم ۽ شعور کي خطرو تصور ڪيو وڃي ٿو. بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي اهم شهر تربت جي فدا احمد چوڪ تي الله داد بلوچ جي قتل ۽ ٻين گمشدگين خلاف بلوچ يڪجهتي  ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ صبغت الله شاھه جي جي اڳواڻي ۾ ٽن ڏينهن واري احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي آهي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ چيو ته الله داد بلوچ بلوچ برادريءَ ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ روشن خياليءَ جي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته  گمناميءَ ۾ ڪم ڪندي، هو انهن ٿورن مان هو، جن اڻٿڪ پڙهڻ، لکڻ ۽ تنقيدي سوچ جي ثقافت کي پاليو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.