ملڪاڻي شريف (رپورٽ: غلام شبير ھنگورجو)ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ پاڻيءَ تي ڌاڙن خلاف عوامي تحريڪ طرفان خيرپور گنبو کان ملڪاڻي شھر تائين 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ملڪاڻي پريس ڪلب اڳيان پنگريو جهڏو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، وفاق واضع ڪر اعلان ڪئنال کپئ يا پاڪستان، ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سڪائڻ بند ڪريو، زمينون ڦٻائڻ سنڌي لڏائڻ بند ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، مارچ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به وڏي انگ ۾ شريڪ،مارچ کي خطاب ڪندي لال جروار، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، اياز کوسو،سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زبيده ڪلوئي،پاري ڪولهي، عظمت ڪلوئي، نسرما ڪلوئي،رمضان ڪلوئي، ممتاز جوڻيجو، مهراڻ درس، سارنگ، سنڌ آبادگار تنظيم جي اڳواڻ طارق محمود آرائين ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سموري سنڌ وڪڻي ڇڏي آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪري سنڌ کي رڻ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪري سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن کي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء تڙپائي ماريو ويندو.اڳواڻن چيو ته عمرڪوٽ ضلعي جي هڪ لک نوي هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشئٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيءَ کي ڏئي مقامي ماڻهن کي زوري زبردستي لڏايو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي، ڪارونجهر، ڪينجهر، گورک ۽ گنجي ٽڪر سميت سنڌ جي سمورن سياحتي ثقافتي ۽ تهذيبي ماڳن ۽ مڪانن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ کي ڏيندڙ زمينون بي زمين مقامي ماڻھن کي ڏنيون وڃن