حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ وڪيلن ۽ ايس ايس پي جا حامي هڪٻئي جي آمهون سامهون، وڪيلن جي سخت احتجاج جي نتيجي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار جي موڪل تي وڃڻ کانپوءِ سندس حق ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ ننڍا پينا فليڪس لڳايا ويا آهن. ايس ايس پي آفيس ڀرسان، حيدر چوڪ، صدر، نئين پل، ڦليلي، ٽانگه اسٽينڊ، ٽاور مارڪيٽ، قاسم آباد ۽ لطيف آباد جي مختلف علائقن ۾ لڳايل پينا فليڪسن ۾ لکيو ويو آهي ته "دبنگ ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار ڪا ٽرانسفر نامنظور، نامنظور” منجانب: اهليان حيدرآباد. هن وقت تائين سامهون آيل پينا فليڪسن ۾ اردو ٻوليء جو استعمال ٿيل آهي،بينرن ۾ ايس ايس پي فرخ لنجار جي تصوير پڻ لڳل آهي. پينا فليڪسن ۾ ايس ايس پي فرخ لنجار جي بدلي ڄاڻايو ويو آهي پر ايس ايس پي فرخ لنجار جي بدلي ناهي ٿي ۽ هو موڪل تي ويل آهي. پينا فليڪس ٺهرائي هڻائيندڙن کان اها غلطي به ٿي وئي آهي. ياد رهي ته ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار جي موڪل واري نوٽيفڪيشن ۾ به موڪل ڪيترا ڏينهن هوندي اهو به لکيل نه هو. هوڏانهن وڪيلن ۽ انهن جي حامين سوشل ميڊيا تي ايس ايس پي فرخ لنجار جي حق ۾ لڳايل پينا فليڪسن بابت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته حيدرآباد ۾ آئس، مين پري، گٽڪو، چرس، ڪيميڪل وارو کير، مٺائي، نقلي دوائون ۽ ٻين ڪيترين ئي انسانن جي لاءِ هاڃيڪار شين جي وڪري وارو ڪاروبار ڪندڙن جي اتحاد پاران ايس ايس پي جي حق ۾ 400 پينا فليڪس لڳرايا ويا آهن. ڀلي توهان ان ايس پي جي اچڻ جي لاءِ پينا فليڪس لڳرايو. پر حيدرآباد جا باشعور ۽ باضمير ڌرتي ڌڻي وڪيل به عدالتن ۾ ويٺا آھن. وڪيل ڪيڏانهن به موڪل تي ناھن ويا.
حيدرآباد:پوليس اهلڪارن سان گهٽ وڌ ڳالهائيندڙ بااثر ويگو مالڪ جو ڪيس خارج!
حيدرآباد(رپورٽر)حيدرآباد پوليس جي ڪھڙي مجال آھي جو منھنجي گاڏي روڪي ! پوليس بااثر ڊالي مالڪ جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو، 15 مددگار قاسم آباد ٿاڻي جي اھلڪارن ڪجھه وقت اڳ ڊالو روڪيو ھو، جنھن تي بااثر پوليس سان بدڪلامي ڪئي ھئي، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، حيدرآباد پوليس ڪاغذ پورا نه ھجڻ جو جواز ڄاڻائي ڪيس نيڪال ڪري ڇڏيو، ڊي پي پي کان راءِ وٺڻ بعد بااثر ڊالي سوار نوجوان مٿان داخل ٿيل ڪيس ختم ڪيو ويو، واضع رھي ته ڪجھه وقت اڄ حيدرآباد جي قاسم آباد ٿاڻي جي حد ۾ 15 مددگار پوليس پاران ھڪ بااثر شخصيت نوجوان جي گاڏي چيڪنگ دوران روڪي ھئي جنھن دوران نوجوان پنھنجي ڊالي مان لھندي واقعي واري ھنڌ موجود پوليس اھلڪارن سان انتھائي اخلاق سان ڪريل ٻولي استعمال ڪندي ھنن سان مخاطب ٿيندي چيو ھو ته اي ايس آي جو ڇا مطلب آھي؟ ڏسين ٿو مان تنھنجون اکيون ڪڍي ڇڏيندس، واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ان واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ھو۔ اھو ڪيس خارج ڪيو ويو آھي، ان حوالي سان حيدرآباد پوليس پاران ھڪ ليٽر جاري ڪيو ويو آھي جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته اي ايس آءِ جي فرياد تي داخل ٿيل ڪيس جو رڪارڊ پورو نه ھجڻ جو جواز ڄاڻائي ڪيس ختم ڪيو ويو آھي
فرخ لنجار 15 فيبروري تائين موڪل تي هوندو
حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي ايس ايس پي جي موڪل جي حوالي سان هڪ نئون آرڊر سامهون آيو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار 8 فيبروري کان 15 فيبروري 2025ع تائين تي موڪل تي هوندو. ان آرڊر ۾ به اهو ڄاڻايل آهي ته ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار پنهنجي ذاتي مصروفيتن سبب موڪل تي ويو آهي ۽ کيس هيڊڪوارٽر ڇڏڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي. ان دوران ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ايس ايس پي حيدرآباد جي عهدي جون اضافي ذميواريون سنڀاليندو. ان آرڊر تي به 7 فيبروري جي تاريخ لکيل آهي. جڏهن ته ان کان اڳ جيڪو آرڊر جاري ٿيو هو ان ۾ موڪل جي مدي جو ڪو به ذڪر ٿيل نه هو. ٻنهي آرڊرن تي ساڳيو آئوٽ ورڊ لڳل آهي ۽ اهو آرڊر ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجي جي صحيح سان جاري ٿيل آهي.