پشاور (ويب ڊيسڪ) شرارتي شاگردن کان تنگ استاد دانهن کڻي پوليس وٽ پهچي ويو.
پوليس موجب استاد يڪا توت ٿاڻي ۾ شاگردن خلاف درخواست جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته شاگردن جي شرارتن سبب ڊيوٽي نٿو ڪري سگهان، تعليم کاتو منهنجي بدلي ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ ڪري.
درخواست تي پوليس چيو ته شاگردن کي سمجهائي سگهون ٿا پر سخت ڪارروائي نٿا ڪري سگهون.
پوليس شاگردن جي والدين کي گهرائي معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.