خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جون مختلف ڪارروائيون، 7 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻن مختلف ڪارروائين ۾ 7 خارجين کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب 8 ۽ 9 فيبروري جي وچين رات فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي مڊي ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران 3 خارجي مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ به آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 خارجي مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.