ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا نوال سعيد چيو آهي ته مان سلمان خان بدران منوج باجپائي سان ڪم ڪرڻ چاهينديس.
نوال سعيد نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته مون کي حيراني ٿيندي آهي ته منهنجي وڌيڪ فالوئنگ ڀارت مان آهي ۽ مون کي خبر ناهي ته اتي ڪيئن مشهور ٿيس.
هن چيو ته ڀارت ۾ اسان جا ڊراما پسند ڪيا ويندا آهن، ٿي سگهي ٿو ڀارتين منهنجو ڪو ڊرامو ڏٺو هجي يا وري ڪا ميم وائرل ٿي هجي، جنهن جي ڪري ماڻهو مون کي سڃاڻڻ لڳا.
نوال سعيد وڌيڪ چيو ته مون کي سلمان خان پسند آهي پر جيڪڏهن ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته منوج باجپائي سان ڪم ڪرڻ چاهينديس، ڇو ته مون کي ان جي اداڪاري ڏاڍي پسند آهي.
You might also like