ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون.
سنڌ روڊ سيفٽي ڪميٽي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائيون جاري رکندي اثرائتو آپريشن ڪيو، جنهن دوران 92 گاڏين جي جاچ ڪئي وئي، 44 گاڏين کي چالان ڪيو ويو، جڏهن ته 7 گاڏين کي تحويل ۾ وٺي هڪ ڊرائيور کي به گرفتار ڪيو ويو. ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي مجموعي طور 334360 رپيا ڏنڊ لڳايو ويو.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائيون جاري آهن، روڊن تي بدنظمي ۽ غير قانوني گاڏيون برداشت نه ڪيون وينديون.
هن وڌيڪ چيو ته عوام جي حفاظت اسان جي پهرين ترجيح آهي، جيڪو به قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو، ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. روڊن کي محفوظ بڻائڻ ۽ حادثن جي روڪٿام لاءِ هيءَ مهم جاري رهندي.
You might also like