پشاور (ويب ڊيسڪ) شرارتي شاگردن کان تنگ استاد دانهن کڻي پوليس وٽ پهچي ويو.
پوليس موجب استاد يڪا توت ٿاڻي ۾ شاگردن خلاف درخواست جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته شاگردن جي شرارتن سبب ڊيوٽي نٿو ڪري سگهان، تعليم کاتو منهنجي بدلي ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ ڪري.
درخواست تي پوليس چيو ته شاگردن کي سمجهائي سگهون ٿا پر سخت ڪارروائي نٿا ڪري سگهون.
پوليس شاگردن جي والدين کي گهرائي معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
You might also like