ڪيويز خلاف ميچ اڌ ۾ ڇڏي ويندڙ فاسٽ بالر حارث رئوف جي صحت بابت اهم خبر اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽي ملڪي ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ انجري جو شڪار ٿيندڙ فاسٽ بالر حارث رئوف کي ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ميچ ۾ آرام ڏيڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄ لاهور کان ڪراچي رواني ٿيندي ۽ سڀاڻي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس ڪندي، جتي ان جو مقابلو 12 فيبروري تي ڏکڻ آفريقا سان ٿيندو.
ذريعن موجب سيريز جي پهرين ميچ ۾ بالنگ دوران پاسيرين ۾ تڪليف سبب گرائونڊ کان ٻاهر ويندڙ فاسٽ بالر حارث رئوف هاڻ بهتر محسوس ڪري رهيو آهي پر ٽيم مينيجمينٽ کيس ڏکڻ آفريقا خلاف کيڏائي رسڪ نٿي کڻڻ چاهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريقا خلاف ميچ ۾ حارث رئوف کي آرام ڏيڻ جو امڪان آهي پر حتمي فيصلو ايم آر آءِ رپورٽ جي روشني ۾ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.