گال (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان کٽي ورتي.
گال ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم پهرين اننگز ۾ 257 ۽ ٻي اننگز ۾ 231 رنسن تي آئوٽ ٿي، آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگز ۾ 414 رنسون ٺاهيون هيون ۽ ڪينگروز کي ڪاميابي لاءِ رڳو 75 رنسن جو هدف مليو، جيڪو انهن هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
آسٽريليا سريلنڪا کي ان جي هوم گرائونڊ تي 2011 کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏني آهي.
You might also like