ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڪيوي بيٽر راچن رويندرا چهري تي بال لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن تي ڀارتي ميڊيا ۽ فينز پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا جي ڪجهه اينڪرن ۽ مداحن بي تُڪو منطق پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان لڳايل نئين ايل اي ڊي لائٽس سبب بال ڪرڪيٽر جي چهري تي لڳو، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون اتان منتقل ڪري.
واضح رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو لائٽس جي روشني سبب بال رانديگر کي نظر نه آيو هجي، سڄي دنيا جي اسٽيڊيمز ۾ اهڙا واقعا ٿيندا آهن پر ڀارتي ميڊيا ۽ مداح پاڪستان سان بغض ۾ اهڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن ته جيئن ايونٽ جي ميزباني پاڪستان کان کسجي وڃي.
ڌَڪ رويندرا کي ۽ تڪليف ڀارت کي ٿيڻ لڳي، چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان مان منتقل ڪرڻ جو مطالبو
You might also like