اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم مدد پيڪيج تحت سروس دوران لاڏاڻو ڪري ويندڙ سرڪاري ملازم جي هڪ فيملي ميمبر کي سرڪاري ملازمت جي ڏنل سهولت واپس ورتي وئي آهي.
ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن باضابطا آفيس ميمورنڊم جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ سڀني وزارتن ۽ ڊويزنز کي نئين فيصلي تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اها سهولت سپريم ڪورٽ جي 18 آڪٽوبر 2024 جي فيصلي جي روشني ۾ واپس ورتي وئي.
سروس دوران لاڏاڻي جي صورت ۾ سول سرونٽس کي وزيراعظم مددگار پيڪيج تحت حاصل ٻيون مراعتون ۽ سهولتون جاري رهنديون.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وضاحت ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين جا اهي شهيد، جيڪي دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندا آهن، انهن جي وارثن تي فيصلو لاڳو نه ٿيندو، جڏهن ته اهو فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ ڪيل مقررين تي به لاڳو نه ٿيندو.
Prev Post
You might also like