اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي پنهنجي پيرن تي ٻيهر بيهاري ڇڏيو، ڏکيا فيصلا ڪري ڇڏياسين پر اڳتي جو سفر به آسان ناهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ کي امن ۽ ڀائيچاري جي ضرورت آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سياسي حڪومت ۽ ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته پگهادار طبقي 300 ارب رپيا قومي ناڻي ۾ ڏنا، حڪومتي قدمن سبب مهانگائي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو ممڪن ٿيو ۽ ملڪ ڏيوالي کان بچي ويو.
سندس چوڻ هو ته اڄ اسان ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي چڪا آهيون، ڏکيا فيصلا ڪياسين پر اڳتي جو سفر به آسان ناهي، رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا آهيون، مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناهي، اسان محنت ڪنداسين ۽ ترقي ڪنداسين.
ڏکيا فيصلا ڪري ملڪ کي ٻيهر پيرن تي بيهاري چڪا آهيون پر اڳتي جو سفر به آسان ناهي: وزيراعظم
You might also like