بوتل جو پاڻي پيئندڙ خبردار!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪائونسل فار ريسرچ ان واٽر ريسورسز (پي سي آر ڊبليو آر) بوتل ۾ بند پاڻي وڪڻندڙ گهٽ ۾ گهٽ 28 برانڊز کي مائڪرو بائيولوجيڪل يا ڪيميائي آلودگي جي ڪري انسانن جي استعمال لاءِ غير محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو.
پي سي آر ڊبليو آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي 20 شهرن مان منرل واٽر برانڊز جا 176 نمونا گڏ ڪيا ويا هئا.
پاڻي جي نمونن جي تجزئي جي نتيجن جو پاڪستان اسٽينڊرز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي (پي ايس ڪيو سي اي) پاران مقرر ڪيل بوتل بند پاڻي جي معيار سان مقابلو ڪيو ويو ته 28 برانڊز مائڪرو بائيولوجيڪل يا ڪيميائي آلودگي جي ڪري انسانن جي استعمال لاءِ غير محفوظ قرار نڪتا.
ميران ڊرنڪنگ واٽر، پاڪ ايڪوا، جيل بوٽلڊ واٽر، نيوز، آبِ دبئي، الٽسن، پيور واٽر، ايڪوا هيلٿ، اوسلو ۽ مور پلس سميت 10 برانڊز کي سوڊيم جي وڌيڪ مقدار جي ڪري غير محفوظ قرار ڏنو ويو.
ون پيور ڊرنڪنگ واٽر، انڊس، پريميئم صافا پيوريفائيد واٽر ۽ اورويل اينڊ نيچرل پيور لائف سميت 5 برانڊز آرسينڪ جي وڌيڪ مقدار جي ڪري غير محفوظ قرار ڏنا ويا، جڏهن ته هڪ برانڊ هنزا اُتر واٽر کي پوٽاشيم جي گهربل معيار کان انتهائي وڌيڪ مقدار جي ڪري انسانن جي استعمال لاءِ غير محفوظ قرار ڏنو ويو.
اهڙي ريت وڌيڪ 16 برانڊز جن ۾ ايس ايس واٽر، سِپ سِپ پريميئم ڊرنڪنگ واٽر، ڊي-نووا، اسڪاءِ رين، نيو، پيور واٽر، ڊريم پيو، ايڪوا شارو پيو ڊرنڪنگ واٽر، ماروي، آءِ ويل، اڪب اسڪاءِ، قراقرم اسپرنگ واٽر، ايسينشيا اينڊ لائف اِن کي پاڻي ۾ بيڪٽيريا جي موجودگي سبب غير محفوظ قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.