اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ججن جي اختيارن بابت نوٽ ۾ لکيو آهي ته 26هين ترميم آئين جو حصو آهي، ان تي اکيون ۽ ڪَن بند نٿا ڪري سگهجن.
جسٽس محمد علي مظهر 20 صفحن تي ٻڌل نوٽ ۾ لکيو ته قانون آئيني هجڻ يا نه هجڻ جو جائزو رڳو آئيني بينچ وٺي سگهي ٿي، ڪنهن ريگولر بينچ وٽ آئيني تشريح جو اختيار ناهي.
پنهنجي نوٽ ۾ جسٽس محمد علي مظهر لکيو ته آئيني بينچ درست طور تي ٻه رڪني بينچ جا حڪم ناما واپس ورتا، 26هين ترميم هن وقت آئين جو حصو آهي، ترميم ۾ سڀ کليل ڪتاب جيان واضح آهي، اسان ان ترميم تي اکيون ۽ بند نٿا بند ڪري سگهون.
جسٽس محمد علي مظهر لکيو ته اهو درست آهي ته ترميم چيلينج ٿي چڪي ۽ ڌرين کي نوٽيس به جاري ٿي چڪا پر ڪيس فل ڪورٽ ۾ موڪلڻ جي درخواست جو ميرٽ تي فيصلو ٿيندو، 26هين ترميم کي پارليامينٽ يا سپريم ڪورٽ جو فيصلو ئي ختم ڪري سگهي ٿو، جيستائين ائين نٿو ٿئي، معاملا ان ترميم تحت ئي هلندا.
فاضل جج چيو ته آئين تشريح گهٽ کان گهٽ 5 رڪني آئيني بينچ ئي ڪري سگهي ٿي، ٻه رڪني بينچ جي ٽيڪس ڪيس ۾ بنيادي حڪم ناما واپس ٿي چڪا، بنيادي حڪم نامن کانپوءِ سموري ڪارروائي بي معنيٰ آهي.
واضح رهي ته آئيني بينچ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي جا حڪم ناما واپس ورتا هئا، جسٽس محمد علي مظهر آئيني بينچ جي فيصلي سان اتفاق ڪندي نوٽ جاري ڪيو.
26هين ترميم کي پارليامينٽ يا سپريم ڪورٽ ئي ختم ڪري سگهي ٿي: جسٽس محمد علي مظهر
Next Post
You might also like