رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي فلسطينين کي بي دخل ڪري سعودي عرب ۾ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي بيان کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم جي بيان تي ردعمل ڏيندي سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته نيتن ياهو جو فلسطينين جي بي دخلي جو بيان رد ڪيون ٿا.
مصر به نيتن ياهو جي بيان جي مذمت ڪندي ان کي سعودي عرب جي خود مختياري جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو ته سعودي عرب جي سلامتي مصر جي ريڊ لائن آهي.
گڏيل عرب امارتن به اسرائيلي وزيراعظم جي بيان جي سخت مذمت ڪندي ان کي مذمت جوڳو ۽ چڙ ڏياريندڙ قرار ڏنو.
You might also like