پي ٽي آءِ چيف جسٽس کي خط لکي اهم درخواست ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ 8 ججن جي مقرري جي معاملي تي جڊيشل ڪميشن ميمبر سينيٽر علي ظفر چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي کي خط لکي ڇڏيو.
علي ظفر خط ۾ سڀاڻوڪو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
خط ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي سينارٽي تڪرار جو حوالو ڏيندي لکيو ويو آهي ته معاملو حل ٿيڻ تائين اجلاس ملتوي ڪيو وڃي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جا 4 جج به اجلاس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪري چڪا آهن.
خط ۾ لکيو ويو آهي ته ججن جي ٽرانسفر سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينارٽي لسٽ تبديل ٿي وئي ۽ ججن جي بدلي سان تاثر آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي اپيلن لاءِ بندوبست ڪيو ويو آهي، مناسب هوندو ته ججن جي سينارٽي جو معاملو حل ٿيڻ تائين ڪميشن اجلاس ملتوي ڪيو وڃي.
سينيٽر علي ظفر خط ۾ درخواست ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪميشن کي اجلاس ڪرڻو ئي آهي ته بدلي ٿيل ججن جو معاملو غور هيٺ نه آندو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.