برطانيا ۾ هڪ جج فيصلو ڪيو آهي ته وُوڊو (آفريقا جو ڪارو جادو) هڪ تسليم ٿيل مذهب آهي ۽ ان جي پيروڪارن سان غير منصفاڻو يا امتيازي ورتاءُ ڪرڻ بنا ان تي عمل ڪرڻ جو حق آهي.
هڪ رپورٽ موجب آفريقا مان جنم وٺندڙ ووڊو هڪ قسم جو مذهب به آهي، جنهن کي مڃيندڙن جو انگ ڪروڙن ۾ ٻڌايو ويندو آهي، اولهه آفريقي رياست بنين ۾ هر سال 10 جنوري تي ووڊو جو تهوار ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن ۽ ان ڏينهن عام موڪل به هوندي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ ايپلائمنٽ ٽربيونل فيصلو ڪيو ته ووڊو هڪ حقيقي مذهب آهي، ڇو ته ان جي پنهنجي تعليم آهي ۽ اهو روحن ۽ اعليٰ قيادت بابت خيال استعمال ڪندي دنيا ۽ ان ۾ اسان جي مقام بابت وڏن سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته ووڊو کي رڳو هڪ ذاتي نظريي کان وڌيڪ سمجهيو پيو وڃي ۽ ڪم تي برابري کي هٿي ڏيندڙ قانونن ذريعي محفوظ ڪيو ويندو آهي.
ووڊو هڪ مذهب آهي، جيڪو آفريقي روايتن تي ٻڌل آهي ۽ ان ۾ جادو تي يقين ڪرڻ، روحن ۽ مرندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ مختلف رسمن جو استعمال شامل آهي.
ڪيٽ ايڊمنڊز نالي جج هڪ ڪيس ۾ فيصلو ٻڌايو، جتي ڪائونسل جي هڪ ڪارڪن دعويٰ ڪئي ته کيس نسل ۽ مذهب سبب هراسان ڪيو ويو هو، ڪارڪن پريشان هو، ڇو ته سندس ساٿي ڪارڪن ووڊو بابت تبصرو ڪيو هو، جج ان ڳالهه سان اتفاق نه ڪيو ته ڪارڪن کي هراسان ڪيو ويو هو.
You might also like