اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين وزيراعظم جسٽس ٽروڊو پنهنجي ساٿين کي خبردار ڪيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪينيڊا تي والار جي ڌمڪي حقيقت تي ٻڌل آهي.
جسٽس ٽروڊو موجب ٽرمپ جون نظرون ڪينيڊا جي انتهائي اهم معدنيات تي آهن، آمريڪي ڌمڪي کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي.
ڪينيڊين وزيراعطم چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ معدني وسيلن سبب ڪينيڊا کي آمريڪا جي 51هين رياست بڻائڻ چاهي ٿو ۽ ڪينيڊا کي ان خطري کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي.
هن چيو آمريڪا ڄاڻي ٿو ته اسان جا وسيلا ڪهڙا آهن ۽ انهن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو، ٽرمپ سمجهي ٿو ته آسان ترين طريقو ڪينيڊا کي ضم ڪرڻ آهي.
واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته ڪينيڊا کي آمريڪا جي 51هين رياست بڻائڻ چاهيون ٿا.
Next Post
You might also like