ٽه ملڪي سيريز، فخر زمان وٽ ليجنڊري سعيد انور جو رڪارڊ ٽوڙڻ جو موقعو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اوپنر فخر زمان لاءِ چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ ۾ واپسي کانپوءِ نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ ليجنڊري سعيد انور جو رڪارڊ ٽوڙڻ جو بهترين موقعو آهي.
پاڪستاني ٽيم اڄ ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ سان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ مهاڏو اٽڪائيندي، ميچ مقامي وقت موجب منجهند 2 وڳي شروع ٿيندو.
ان مقابلي ۾ فخر زمان وٽ نيوزيلينڊ خلاف سڀ کان وڌيڪ ون ڊي سينچريون ٺاهڻ جو سعيد انور جو رڪارڊ ٽوڙڻ جو موقعو آهي .
ليجنڊري اوپنر سعيد انور 90ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي نيوزيلينڊ خلاف 32 اننگز ۾ 4 سينچريون اسڪور ڪيون هيون، جڏهن ته فخر زمان رڳو 17 اننگز ۾ 4 سينچريون ٺاهي چڪو آهي.
جيڪڏهن فخر زمان اڄ نيوزيلينڊ خلاف سينچري اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته هو اِهو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ڇڏيندو.
فهرست ۾ ٽئين نمبر تي رميز راجا آهي، جنهن 19 اننگز ۾ 3، چوٿين نمبر تي احمد شهزاد آهي، جنهن 15 اننگز ۾ 2، جڏهن ته پنجين نمبر تي بابراعظم آهي، جنهن اوپنر طور نيوزيلينڊ خلاف 20 اننگز ۾ 2 سينچريون ٺاهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.