ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر ياسر عرفات کي ڏکڻ آفريڪي ٽيم ٽه ملڪي سيريز لاءِ بالنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.
ٽن ٽيسٽ، 11 ون ڊي ۽ 13 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ ياسر عرفات برطانيا کان پاڪستان پهچي ويو آهي.
اڳوڻو آل رائونڊر 10 فيبروري تي نيوزيلينڊ خلاف ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ کان اڳ پروٽيز اسڪواڊ کي ٽريننگ سيشن ۾ جوائن ڪندو.
ياسر عرفات پهريون پاڪستاني ڪرڪيٽر آهي، جنهن انگلينڊ جي يونيورسٽي مان ليول 4 جو ڪوچنگ ڪورس مڪمل ڪيو آهي.
اڳوڻو آل رائونڊر بالنگ ڪوچ طور انگلش ڪائونٽي ٽيم سسڪس ۽ سرري سان گڏوگڏ بگ بيش ليگ ۾ پرٿ اسڪارچرز سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي.
ان کانسواءِ هن قومي ٽيم جي نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۽ هانگ ڪانگ ٽيم جو بالنگ ڪوچ طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.
پنهنجي مقرري تي ردعمل ڏيندي ياسر عرفات چيو ته ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم سان ڪم ڪرڻ هڪ بهترين تجربو هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته بالنگ ڪنسلٽنٽ طور سندس ڪوشش هوندي ته ٽيم جي غلطين تي ڪم ڪريان ۽ ميچن کان اڳ کين حالتن سان ايڊسٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيان.
You might also like