ڪراچي( هه آئوٽ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سيده تحسين عابدي چيو آهي ته چيئرمين بلاول آمريڪي دعائيه تقريب ۾ اسلام جو حقيقي پيغام پيش ڪيو. هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بلاول پنهنجي والده محترمه بينظير ڀٽو جي روايت کي برقرار رکندي موثر سفارتڪاري ڪئي ۽ پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪيو. سيده تحسين عابدي جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو ثابت ڪري ڇڏيو ته هو پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي ڇڏيندو.