سجاول/ حيدرآباد (نمائندا) سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي شروع ڪيل عوامي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ سجاول شهر ۾ عوامي جلسي ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حڪمران سنڌ کي مفتوح علائقو سمجهي پنهنجي مرضي جا غير آئيني ۽ غير قانوني فيصلا مڙهيندا پيا اچن. سنڌ کي رب پاڪ سموريون نعمتن سان مالامال ڪيو آهي پر هنن حڪمرانن افعالن ۽ لُٽ مار سان ان شاهوڪار ڌرتي رهواسي بک بدحالي بيوسي واري زندگيءَ گذارڻ تي مجبور آهن. هن وقت سنڌين جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياءِ کسڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سنڌ جي زمينن تي ولار بدران اها زمين سنڌ جي بي زمين هارين کي ڏني وڃي، 1991 معاهدي مطابق سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نٿو ڏني وڃي جنهن سبب ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۽ ڊيلٽا واري علائقي ۾ جيوت سخت متاثر آهي. هڪ پاسي سنڌ ۾ پاڻي جي اڳ ۾ کوٽ موجود آهي ويتر هي حڪمران سنڌو درياءِ نوان ڇھ ڪئنال ٺاهي سنڌو درياءِ کي موت جي وادي ۾ تبديل ڪرڻ چاهين ٿا. هن سنڌ دشمن فيصلن جو ذميوار پ پ پ سرڪار آهي جيڪا وفاق حڪومت ساٿاري بڻيل آهي. پ پ پ سنڌ جي ماڻهن کي ووٽ جي منڊي سمجهي ٿي هن کي سنڌ جي مسئلن سان ڪابه دلچسپي ناهي جيڪڏهن پ پ پ سنڌ سان نه بيهندي ته پوءِ سنڌ مان ائين ختم ٿيندي جئين پاڪستان جي ٻين صوبن مان ختم ٿي وئي آهي. هن چيو سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت سنڌو درياءِ ڪئنال ٺاهڻ نه ڏيندا. ماضي جيان هنن حڪمرانن کي به سياسي جدوجھد کي شڪست ڏيندا.ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ گلزار سومرو، امتياز سمون ،ڊاڪٽر سومار مڱريو، جلال شاھ، غني ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو.