ممبئي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا پريانڪا چوپڙا پنهنجي ڀاءُ جي مهندي تي ڪروڙين رپين جو خوبصورت هار پاتو، جيڪو سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پريانڪا چوپڙا جي ڀاءُ سڌارٿ چوپڙا جي شادي جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن، جنهن لاءِ اداڪارا آمريڪا مان پنهنجي مڙس، راڳي نڪ جونس ۽ ساهرن سان گڏ ڀارت پهتي آهي.
پريانڪا چوپڙا اڪثر تقريبن ۾ مهانگا زيور پائڻ سبب خبرن ۾ رهندي آهي، پر هن ڀيري پنهنجي ڀاءُ جي مهندي ۾ سندس ڳلي جو شاندار هار نه رڳو سڀني جي نگاهن جو مرڪز آهي، پر ان جي قيمت بابت ڄاڻي مداح به دنگ رهجي ويندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪارا جي ان هار جي قيمت 12 ڪروڙ ڀارتي رپيا ٻڌائي پئي وڃي.
رپورٽن موجب، اِهو هار گلابي سوني مان ٺهيل آهي ۽ ننڍن هيرن سان سينگاريل آهي، جڏهن ته ان ۾ قيمتي پٿر پڻ جڙيل آهن.
You might also like