نسيم شاهه به معذرت ڪري ڇڏي، مداحن لاءِ بُري خبر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بولر نسيم شاهه ميچ جون ٽڪيٽون گهرڻ وارن کان معذرت ڪندي چيو آهي ته سڀني کي خوش نٿا ڪري سگهون.
پي سي بي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي نسيم شاهه ٻڌايو ته جڏهن هو 12-13 سالن جي عمر ۾ لاهور ڪرڪيٽ کيڏڻ آيو ته هڪ ماڻهو سندس هڪ بال ڏسي چيو ته تون فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي سگھين ٿو.
هن چيو ته بابي مون کي هڪ ڏيڍ مهينو کيڏڻ جي اجازت ڏني ته جيڪڏهن ڪجهه ٿي ويو ته ٺيڪ، نه ته اسڪول واپس وڃجان.
ليجنڊ ڪرڪيٽر عبدالقادر جي پٽ سلمان قادر مون بابت اڳڪٿي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ مون سخت محنت ڪئي، عبدالقادر مرحوم به منهنجو ٽرائل ورتو هو، مان وڏي جدوجهد کانپوءِ هتي پهتو آهيان.
نسيم شاهه جو چوڻ هو ته انجري کانپوءِ ٻيهر واپسي لاءِ ري هيب تمام ڏکيو هوندو آهي، نئون بال ڪرائڻ جو پنهنجو هڪ دٻاءُ هوندو آهي ۽ نئين بال سان وڪيٽ وٺڻ اهم هوندو آهي مان ڪوشش ڪندو آهيان ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڊسيپلين سان بالنگ ڪريان.
هڪ سوال جي جواب ۾ نسيم شاهه چيو ته جڏهن ٽيل اينڊرز جي پارٽنرشپ لڳندي آهي ته بالر مايوس ٿيندا آهن، انهيءَ کي نظر ۾ رکندي مان به پارٽنرشپ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
فاسٽ بالر چيو ته مان ڪلب ۾ وڃي بيٽنگ تي ڪم ڪندو آهيان ۽ ڪوشش ڪندو آهيان ته جلدي وڪيٽ نه وڃايان، ڪلب جي ميچن ۾ مان اوپن به ڪندو آهيان.
پاڪستان ۾ شيڊيول آءِ سي سي ايونٽ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پرجوش آهيون ۽ مڪمل تياري به ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته هاڻي مداح هتي اسٽارز کي کيڏندي ڏسندا، اسان سڀني کي يقين آهي ته هن ڀيري غلطيون نه ورجائينداسين ۽ ڪاميابي ماڻينداسين.
پي سي بي طرفان ملندڙ ٽڪيٽن بابت نسيم شاهه چيو ته ڀائرو، اسان کي فقط ٽي کان چار ٽڪيٽون ملن ٿيون، جڏهن ته ٻه ٽي سئوماڻهو اميدوار هوندا آهن.
مهرباني ڪري ناراض نه ٿيو، ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي گهرڀاتين کي به انڪار ڪرڻو پوي ٿو. مجبوري آهي، سڀني کي خوش نٿو رکي سگهجي، بس ٽڪيٽ نه گهرو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.