جسقم (آريسر) جي لانگ مارچ جي قاضي احمد ۽ سڪرنڊ ۾ آجيان

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ)وفاق پاران سنڌو درياءَ مٿان ڇهھ ڪئنال اڏڻ خلاف جسقم آريسر مرڪز پاران سکر کان ڪراچي تائين نڪتل پيادل مارچ چيئرمين اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي امير باغي،  وحيد سنڌي، خادم چانڊيو، اسد سنڌ يار، دوالفقار کوکر ناري تحريڪ جي عورت اڳواڻ ڪرن نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قافلو ڏھين ڏينهن قاضي احمد ۽سڪرنڊ  پھچڻ تي ايس يو پي، جسقم بشيرخان، جي ڊبليو سي، ايس ٽي پي جي مقامي اڳواڻن ڪارڪنن پريس ڪلب  سڪرنڊجي صحافين سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پيادل قافلي جي آجيان ڪندي مٿن گل نڇاور ڪري ڀرپور استقبال ڪيو،اسلم خيرپوري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ماڻهو درياهه بچائڻ لاءِ هاڻي به گڏ نه ٿيا ته حشر فلسطينين جهڙو ٿيندو، سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ دشمن منصوبن خلاف بنا دير گهرن کان نڪرڻو پوندو، پاڻي کوٽ سبب سنڌ جون زمينون اڳي ئي بنجر بڻيل آهن وفاق 6 ڪئنال اڏي وڌيڪ سنڌ سڪائڻ چاهين ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.